четверг, 29 октября 2009 г.

Think Positive!

ٿِنڪ پازيٽو

ارمغان فياض

ڪئناڊا وڃڻ کانپوءِ جيڪا ڳالهه مون سڀني کان وڌيڪ سِکي آهي سا اها آهي ته ”آلويز ٿنڪ پازيٽو“. مون اُتي جنهن کان به پڇيو آهي ته زندگي ڪيئن پئي گذري ته ڪنهن به جواب ۾ ورائي اهو نه چيو آهي ته ” زندگي زهر آ، تيلي ڏيڻ جي دير آ، اندر دل ڀڳل ڀريل آهي، حياتي بس سڏڪا ۽ سور آهي، فلاڻي ڪيس ۾ پوليس ۽ وڪيل يا فلاڻي بيماري سبب روڙي ميڙي سڀ ڪجهه ڊاڪٽرن تي خرچ ڪري ڇڏيم“. ان جي ابتڙ اُتي ڪئناڊا ۾ توهان کي جواب ملندو ته ”ڪين ناٽ ڪمپلين“. اتي ڪنهن بيمار کان سندس باري ۾ پڇبو ته چوندو ته رڳو هيءَ بيماري آهي پوءِ ڀلي اها بيماري ڪينسر ئي ڇو نه هجي. مان اتي ڪئناڊا ۾ سماجي صحت جي هڪ قسم جي گڏيل شعبي ۾ ڪم ڪيان ٿي ۽ اتي انهن کي تڪليفن ۽ بيمارين دؤران ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو ملندو رهي ٿو. مينيجر هئڻ سبب مينيجمينٽ جي ميٽنگن ۾ شامل ٿيڻ منهنجي نوڪريءَ جو حصو آهي. تنهنڪري ان حوالي سان مختلف ڳالهيون ٻڌندي رهندي آهيان.

مثال طور فلاڻي کي اَرٿ رائٽس (هڏن ۾ سور) جي بيماري ٿي وئي آهي، پر پوءِ به چڱي ڳالهه اها آهي ته اهو اڃان سئمنگ ڪري سگهي ٿو. فلاڻيءَ جون اسٽروڪ کان پوءِ ٻئي ڄنگهون جواب ڏئي ويون آهن، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته پنهنجي اليڪٽرڪ وهيل چيئر تي خوش آهي. هڪڙي عورت ورڪر کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏين ته ان مينيجمينٽ تي ڪيس ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اها ڪيس کٽي وئي ته ميٽنگ ۾ ان جو ذڪر ٿيو ۽ چيو ويو ته ڏاڍو سٺو ٿيو جو کيس سندس حق مليو. پر تازو ٿيل هڪ ڳالهه ڏسي منهنجي دماغ جون ميخون ئي ڍليون ٿي ويون آهن.

تازو اسان جي شعبي جي هڪ مئنيجر جي ڌيءَ جيڪا 19 سالن جي هئي، ڪينسر سبب گذاري وئي. اها لڳ ڀڳ 6 مهينن کان تمام گهڻو بيمار هئي. اتي جڏهن به ڪير گذاري وڃي ٿو ته ان جي اَٽاپسي يا ائين کڻي چئون ته پوسٽ مارٽم ضرور ٿئي ٿو. ان کانپوءِ مري ويل کي فيونرل هوم پهچايو ويندو آهي. جتي مرڻ واري يا واريءَ کي غسل ڏئي، وهنجاري سينگاري ڪاٺ جي ڪفن ۾ رکيو ويندو آهي. جيئن ته اتي ماڻهن جي زندگي مصروف زندگي آهي، تنهنڪري وارث فيونرل هوم وارن کي ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته اسان هيترن ڏينهن کانپوءِ فلاڻي ڏينهن تي وزيٽيشن (آخري ديدار) لاءِ اينداسين ۽ فلاڻي ڏينهن ۽ وقت تي مرڻ واري جي ياد ۾ دعائي الودعائي گڏجاڻي رکي وڃي. وزيٽيشن واري ڏينهن مقرر وقت تي وارث مرڻ واري جو آخري ديدار ڪري هليا ويندا آهن ۽ پوءِ وارثن جي هدايت تي فيونرل هوم جي اليڪٽرڪ بٺيءَ ۾ ساڙي ان جي خاڪ شيشي جي خوبصورت برنيءَ ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن. ان کانپوءِ مقرر ڏينهن ۽ وقت تي فيونرل هوم ۾ دعائي الوداعي گڏجاڻي ٿيندي آهي. جنهن ۾ مرڻ واري يا واريءَ جا مٽ مائٽ ۽ ساهيڙيون وغيره شريڪ ٿينديون آهن. جتي پهريائين پادري صاحب پنهنجي خطبي جي ذريعي مرڻ واري يا واريءَ جي باري ۾ ٻڌائيندو آهي ۽ پوءِ آنجهاني جي آتما جي شانتيءَ لاءِ دعا ڪندو آهي. ڪير لاش کي ساڙائي ٿو يا نٿو ساڙائي اهو مرڻ واري يا واريءَ جي وارثن جي رواجب، عقيدي ۽ مالي حيثيت تي ڇڏيل هوندو آهي.

هي منهنجو پهريون دفعو هو جو اتي مان مرڻ واريءَ جي ڪنهن الوداعي دعائي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فيونرل هوم وڃي رهي هيس. مون صفا سادا ۽ اڇي رنگ جا ڪپڙا پاتم. سادي چوٽي ڪيم ته جيئن ائين نه لڳي ته مونکي ڪو افسوس ڪونهي. فيونرل هوم ۾ داخل ٿيس ته هڪڙي ڪنڊ ۾ ڏاڍي سجاوٽ سان ڇوڪريءَ جون ننڍي هوندي کان آخري وقت تائين جون تصويرون لڳل هيون ۽ ٻي ڪنڊ ۾ گُلَ رکيل هئا. سامهون هڪ وڏي ٽي وي اسڪرين ڀتِ تي لڳل هئي. خوبصورت هال ۾ مرڻ واري جا مٽ مائٽ ۽ ساهيڙيون ائين خوبصورت لباس پهري ويٺيون هيون، ڄڻڪ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ آيون هجن. هر طرف رڳو خوشبو ئي خوشبو ۽ بهار لڳي پئي هئي. مان اهو منظر ڏسي حيراني منجهان وائڙن وانگر اڃان هيڏانهن ڏسڻ لڳس ته اسان جي ڊپارٽمينٽ جي هڪ ٻي مينيجر مون کي سڏي پنهنجي ڀر ۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏيو. ٿوري دير ۾ پادري صاحب آيو ۽ مرڻ واري جي باري ۾ ڳالهايو ۽ دعا گهري. ان کانپوءِ ڇوڪري جي ماءُ ۽ پوءِ والد اسٽيج تي اچي پنهنجي ڌيءَ جي باري ۾ ڳالهايو ۽ سندن ڌيءَ جا يادگار واقعا ۽ ڳالهيون ٻڌايون ۽ پوءِ مرحومه جي ڀائرن ۽ ڀيڻن سڀني جي ڳالهائڻ جو تت اهو هو ته مرحومه زندگيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خوشيون ڏٺيون. انهن اهو به ٻڌايو ته سندس فلاڻي سالگره تي اسان کيس ڪهڙا ڪهڙا تحفا ڏنا جيڪي کيس پسند آيا ۽ انهن کي ڪيئن مرحومه ڏاڍو انجواءِ ڪيو هو. هاڻي جڏهن مرحومه اسان سان گڏ ڪونهي ته به خوش آهيون جو مرحومه هن دنيا جي ڏکن ۽ تڪليفن کان آزاد جنت ۾ آهي. پالڻهار وٽ جيئن ته بهشت ۾ جڳهه جي کوٽ ناهي ۽ مرحومه جيئن ته اسان کان اڳ ۾ اتي وڃي چڪي آهي، تنهنڪري اسان کي اميد آهي ته مرحومه اسان لاءِ به پالڻهار کان جنت ۾ اسان لاءِ به بهتر مقام لاءِ درخواست ڪندي. سندس ماءُ سان افسوس ڪرڻ لاءِ مليس ته چيائين ته توڻي جو منهنجي ڌيءَ هاڻي هتي اسان سان گڏ ڪونهي، پر اسان وٽ سندس تمام گهڻيون تصويرون آهن، جيڪي اسان کي سدائين خوش رکنديون. ان ڏيڍ ڪلاڪ جي دعائي الوداعي گڏجاڻيءَ ۾ مون مرحومه جي ماءُ، والد، ڀائرن ۽ ڀيڻن جي اکين ۾ هڪ به ڳوڙهو نه ڏٺم. اُتي اهو رواج آهي ته عدم ڏانهن راهي ٿيڻ واري کي الوداع ڀرپور ۽ شاندار نموني ۾ ملڻ گهرجي. ان کانپوءِ ڪارن جي هڪ مخصوص قافلي ۾ قبرستان ڏانهن روانا ٿياسين. جتي خاڪ کي دفن ڪري ان جاءِ تي يادگار طور پٿر جو قطبو لڳايو ويو.

چوڻ جو مقصد هي ته ڪينيڊينز ڏکي کان ڏکي ۽ تڪليف ڏيندڙ صورتحال مان به ڪا نه ڪا مثبت ڳالهه ڳولهي وٺن ٿا. مثال طور ڪرسمس واري ڏهاڙي جيڪڏهن برفباري ٿي وڃي ته پوءِ به پيا خوش ٿيندا آهن ته اسان خوشنصيب آهيون جو هن سال وائٽ ڪرسمس ٿي آهي.

ڪالهه اها ساڳي مينيجر منهنجي پاران ڏنل ٽي پارٽي جي دعوت تي مون وٽ گهر آئي هئي. ڪچهريءَ دؤران ڳالهين ئي ڳالهين مون کان پڇيائين ته توهان وٽ جيڪڏهن ڪير گذاري وڃي ته پوءِ ڇا ڪندا آهيو. مون کيس ٻڌايو سڀ مٽ مائٽ گڏ ٿيندا آهيون، ڏاڍو روڄ راڙو ڪندا آهيون، ڪير به پنهنجي روئڻ تي ضبط نه ڪندو آهي ۽ ڪجهه پريان کان آيل مائٽ مرڻ واري جي فيمليءَ جي ڏک کي ونڊڻ لاءِ ان جي گهر رهي پوندا آهن يعني جيڪي ڪئناڊا ۾ ٿئي ٿو ان جي بلڪل ابتڙ اسان وٽ ٿيندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي ان مينيجر چيو ته توهان جو روايتون ۽ ماڻهو ڪيڏا ته قربائتا ۽ پيار ڪندڙ آهن جو اهي پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ٻين جو ڏک ونڊڻ لاءِ کين پنهنجو قيمتي وقت ڏين ٿا ۽ اچي انهن وٽ رهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اها توهان جي سوسائٽيءَ جي واقعي سٺي ڳالهه آهي جو ماڻهو هڪٻئي لاءِ وقت ڪڍن ٿا.

ٿوري دير کانپوءِ اها مينيجر ته هلي وئي پر مان لاڳيتو سوچيندي رهيس ته مثبت نيٺ آهي ڇا؟ اهو جيڪي اهي ڪن ٿا يا هي جيڪي اسان ڪيون ٿا؟ ڇو جو ٻئي هڪٻئي کان مڪمل طور تي مختلف آهن.

arma_s@yahoo.com

Courtesy: Daily Ibrat, Thursday, October 29, 2009

Комментариев нет:

Отправить комментарий